اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ??جل?? جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي ??جل?? چوري جي روڪٿام جو روڊ ميپ ۽ ??جل?? جي شعبي جي سڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ??جل?? جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون ??جل?? جي بلن ۾ اضافي تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي ??جل?? جي بلن ۾ اضافي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جلد بازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي اضافي بار نه پوي ۽ صارفين کي س??ول?? ملي. هن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم ان جي ٽيڪس تي مفت ??جل?? استعمال ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بج??ي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ته هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري ره??و آهي، وزيراعظم هائوس ۽ پا?? سيڪريٽريٽ ۾ ??جل?? جو خرچ گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي اي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته ??جل?? جي بچت جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلن تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي وفاقي وزيرن، سيڪريٽري پاور ، واپڊا چيئرمين، نيپرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي اڄ سومر تائين ملتوي ڪندي ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.