اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسا?? کي حقو?? العباد، حقو?? الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ??رو??ت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسا?? کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌري?? کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادار?? کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي اسان ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ??رو??ت آهي، عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.