اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) سفير محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستان جي 32 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور ذميواريون ??نڀالي ورتيون. کيس پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان جي رٽائرمينٽ کانپوءِ نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. محمد سائرس سجاد قاضي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري جو وسيع تجربو رکي ٿو. هو ڀارت، آمريڪا ۽ گڏيل قومن (جنيوا) ۾ سفارتي خدمتون ??رانجام ڏئي چڪو آهي. هو 2015ع کان 2017ع تائين هنگري ۾ ۽ 2017ع کان 2022ع تائين ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير رهيو آهي.