اس??ام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اس??ام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اس??ام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪر??ان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ?? افسوس ڪر??ون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اع??يٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.