اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا قومي اسيمبليءَ جي اج??اس ۾ دير سان اچڻ تي ميمبرن کان معافي گُهري ورتي ۽ ٻُڌايو ته بجيٽ تي بحث تي ميمبرن جون تجويزون نوٽ ڪيون ويون آهن، ان کي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين. قومي اسيمبليءَ جي اج??اس ۾ هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اج??اس ۾ هئڻ سبب دير سان پهتي آ??يان پر کاتي بابت لا??اپ??ل عملدار ان جي بحث جي اهم نڪتن جو نوٽيس وٺي رهيا آهن، انهن تجويزن مان قابل عمل تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.