اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وف??قي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ??رب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ??رب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ ر??يا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ??رب رپيا رکيا ويا اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ??رب رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ??رب رپين جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان ت?? حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.