اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن وار?? ڊويزن جي هائيڊل ??نصوبن جي 13 جاري اسڪيمن تي 80 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ ورسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي لاءِ 2 ارب 58 ڪروڙ 60 لک ر??يا، تربيلا فائيو توسيع پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ارب 44 ڪروڙ 94 لک ر??يا، تربيلا فور توسيع منصوبي جي لاءِ 59 ڪروڙ رپيا، نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ارب 82 ڪروڙ 80 لک ر??يا، منگلا پاور اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ارب 21 ڪروڙ رپيا ۽ داسو پن بجلي منصوبي جي لاءِ 58 ا??ب 59 ڪروڙ 70 لک ر??يا رکيا ويا آهن.