اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف س??ن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ا??م اي چيئرمين وزيراعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن خيما روانا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريعي موڪليو ويو. وزيراعظم جي هدايت تي ا??ن ڊي ا??م اي 50 هزار خيما تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف خيما پڻ شامل آهن. اين ڊي ا??م اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي جي موسم جا خيما ترڪيه موڪليا ويا آهن.