اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪندي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سان سمورن جاري شعبن ۾ نتيجاخيز حصيداري کي مستحڪم ڪرڻ جي ??اڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي ??چ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم بي ايم جي ايف پاران ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي ۽ حفاظتي ٽيڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت کي بهتر بڻائڻ ۾ خاص طور تي ملڪ ۾ ت??زي ٻوڏ دوران پاڪستان کي ڏني ويندڙ قابل قدر مد?? کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان بل گيٽس کي آگاهه ڪندي ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تعا??ن جي سمورن جاري شعبن ۾ فائونڊيشن سان نتيجاخيز حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اڪستان جي خواهش کي پڻ ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ پوليو جي سمورين قسمن جي خاتمي جي ??اءِ پرعزم آهي. هن 2022ع ۾ پوليو جي ??ئين ڪيسز جي رپورٽنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته هن اهو به چيو ته سيپٽمبر 2022ع کان پوليو ڪيسز ۾ وقفو آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي ??يادت هيٺ ٻين پروگرامن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ بي ايم جي ايف جي ??دد سان غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ، حفاظتي ٽيڪن جي ضروري خدمتن، مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي راست ۽ قومي بچت پروگرام جي ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جنهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي جي تباهي جي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي جاري ڪوششن کي بري طرح متاثر ڪيو هو جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي ايمرجنسي ريسپانس پلان کي فعال طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ۽ ٻارن تائين پهچ لاءِ مختلف ذريعن جي ڳولا به جاري رکندي. بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجي ??ائونڊيشن پاران پاڪستان جي ??اءِ مسلسل تعاون کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.