اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ مو??مياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خور??ڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ ??بب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر جي امير ۽ پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ايل ڊي سيز) گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس بابت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ايل ڊي سيز کي درپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن بابت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ مو??مياتي تبديلين، وبائي مرضن کان پوءِ هاڻي خور??ڪ ۽ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ ??بب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي غيرمحفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهب??د کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ايل ڊي سيز جي بهتر خدمت ڪري سگهجي ٿي.