اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 جو آفيسر ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر م??ير کي صدر جو پريس سيڪريٽري/ اطلاعات وارو صلاحڪار م??رر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هو 2 فيبروري تي پنهنجون ذميوار??ون سنڀاليندو. ان کان اڳ اختر م??ير صدر جي پريس سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏ??ي چڪو آهي. اختر م??ير 1992ع ۾ انفارميشن گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ هن مختلف وزارتن ۾ خدمتون سرانجام ڏن??ون آهن. هو افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو پريس قونصلر پڻ رهي چڪو آهي.