استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه ام?? ۽ ??ستحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپ?? ۽ ??عاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچار?? جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزاد?? جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزاد?? جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کن?? جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگار?? ۽ ??اگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کن?? جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوان جي سماجي ڀلائ?? جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتو?? ۽ ??نعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان نيو?? جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه ام?? ۽ ??ستڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضاف?? جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي جنگ عالمي برادر?? جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائ?? جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪار?? جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه انساني همدرد?? جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگرد?? جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگرد?? جي خلاف متحد آهن. پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگرد?? جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگرد?? جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگرد?? جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگرد?? ۽ ??نهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسل?? جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پر??جي??ٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئ?? جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائر?? ۽ ??تحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسل?? جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيو?? جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيو?? جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي ??هي آهي، پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ان جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي ??هي آهي. هن چيو ته پاڪستان نيو?? جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستا?? ۽ ??رڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پر??جي??ٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاج?? جي منتقلي جو اهم منصوبو آه?? جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي ??هي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيو?? جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي يقين آهي ته ملجم جهازن جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئ?? جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح ??هي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.