اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان جي دعوت تي جمعي جي صبح اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب ط??ب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن ??ان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معامل?? تي خي??لن جي ڏئي وٽ ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب به ڪندا. پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان به ملاقات ڪندو.