اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) منشي??ت جي روڪٿام بابت وفاقي وزير شاهزين بگٽي چيو آهي، ته ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان وڏو چئلينج متاثرن کي موذي مرض کان بچائڻ آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ??اء?? سڀئي گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، صحت جي عالمي اداري طرفان ٻوڏ متاثرن ??اء?? دوائن جي فراهمي تعريف جوڳي آهي، سهڪار تي عالمي برادري ۽ صحت جي عالمي اداري جا شڪر گذار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري جي اسلام آباد ۾ واقع ڪنٽري آفيس ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻوڏ سٽيلن ??اء?? امدادي سامان جي پاڪستاني عملدارن کي حوالگي ??اء?? منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ ٻوڏ متاثرن ??اء?? صحت جي عالمي اداري طرفان ضروري دوائون پاڪستان حوالي ڪيون ويون.