ڪراچي – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان خيبرپختونخ??ا، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر ??لائقن ۾ طبي امداد، ريليف ۽ بحالي جون سرگرميون ڀرپور طريقي سان جاري آهن. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه پنهنجن ميڊيڪل ??يم??ن ۽ موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي ٻوڏ متاثرن کي ضروري خطي امداد فراهم ڪري رهي آهي. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس پڻ ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ سرگرم آهن. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٽرانسپورٽ فليٽ، هيليڪاپٽرن ?? ٻيڙين ذريعي ٻوڏ متاثر ??لائقن ۾ ڦاٿل مقامي ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن ۾ خشڪ راشن، پچيل کاڌو، پائڻ جو صاف پاڻي ۽ عام واهپي جون ٻيون شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضر??رت مند خاندانن ۾ 18 هزار 20 پچيل کاڌي جا پيڪيٽ، 340 پاڻي جون بوتلون ۽ 560 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا. وڌيڪ اهو ته مفت خوراڪ ۽ رهائشي جي فراهمي کان علاوه پاڪ فضائيه جون ميديڪل ٽيمون 878 مريضن جو مفت طبي معائنو پڻ ڪيو.