اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سجن جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊين وزير ??وڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ جلد کان جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اميد ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر نازڪ وقت ۾ ڪينيڊين وزير جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي ??وڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. هن تباهي آڻيندڙ ??وڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪيو جنهن 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو ۽ 4 ملين ايڪڙ فصلون لُڙهي ويون. هن چي?? ته ان آفت جا پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا منفي اثر پوندا. مملڪتي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪست??ن عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسم??ات?? بحران جو شڪار آهي. هن موسم??ات?? تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران متحد ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. مملڪتي وزير چي?? ته جيتوڻيڪ حڪومت بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ مصروف آهي، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران وسيلن جي موثر متحرڪ ۽ ڊگهي مدي واري عزم جي ضرورت هوندي. پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حنا رباني کر چي?? ته پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترق??ات?? منصوبن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن موسم??ات?? تبديلي، زراعت ۽ عوام س??ن عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڪينيڊين وزير چي?? ته ڪئناڊا ??وڏ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ موسم??ات?? لچڪدار ڍانچي جي تعمير لاءِ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ پرعزم آهي. هو ??وڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئناڊا جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڪينيڊين پارليامينٽ جا ٽي پاڪستاني ڄاوا ميمبر اقرا خالد، سلميٰ زاهد ۽ شفقت علي پڻ شامل هئا.