اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪشميري تحريڪ آزاديءَ جي علامت هو جنهن هميشه اهو نعرو بلند ڪيو ته اسان پا??ستاني آهيون ۽ پا??ستان اسان جو آهيو. هي نعرو هاڻي دنيا جي هر حصي ۾ گونججي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ناليواري حريت اڳواڻ سيد علي گيلان?? جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ رٿيل هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو اهتمام ريڊيو پا??ستان ۽ يوٿ فورم براءِ ڪشمير ڪيو هو. تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ سيد علي گيلان?? جي جدوجهد کي اصل خراجِ عقيدت اهو آهي ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ لاءِ آواز بلند ڪندا رهون. ڀارت طرفان ڪشميرين تي ٿيل ظلم دنيا آڏو واضح ڪندا رهون. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني عمل ۽ قدم خاص طور تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيو آهي. ان کي پا??ستان اڳ ۾ به بي نقاب ڪندو آيو آهي ۽ آئينده پڻ هر فورم تي ڪشميري عوام جي ترجمان جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل تي زور ڀريو ته هو ان غير معمولي تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻن.