اسلام ??باد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عر?? جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عر?? جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفي?? صدر، فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام ??ان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزما??ش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سان گڏ آهيون. سعودي عر?? جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عر?? ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.