اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 75 هون آزادي جو ڏهاڙو پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، اڄ جي ڏينهن پوري قوم، ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ بي مثال جدوجهد تي خراج تحسين ۽ لازوال قرباني تي نظرانه عقيدت پيش ??ري ٿي، قيام پاڪستان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مقصد جي لاءِ لڳاءُ، عزم، اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ??ري ممڪن ٿيو، 1930ع ۾ پاڪستان جو تصور پيش ٿيڻ کانپوءِ رڳو 17 سالن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان دنيا جي نقشي تي سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت طور وجود ۾ آيو، پاڪستان جو قيام ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو جنهن دوست ۽ دشمن سڀني کي نه رڳو حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر سمورين قياس آرائين ۽ اڳڪٿين جي ابتڙ دنيا ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت ??ي قائم رکيو. پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جتي 75 هون آزادي جو ڏهاڙو تمام گهڻي خوشي ۽ جشن جو سبب آهي، اتي اهو گڏيل ۽ انفرادي طور تي خوداحتسابي جو به هڪ موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته بطور قوم اسان ساڍا ست ڏهاڪن ۾ ڪاميابين ??ا ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن، اسان جي سلامتي تي ٻاهرئين حملن جي منهن ٽوڙ جواب کان وٺي هڪ متفقه ق??مي آئين جي قيام، دنيا جي ستين نيوڪليئر طاقت ۽ دهشتگردي سان مقابلو ??ري گڏيل طور تي ان کي شڪست ڏيڻ تائين اسان پنهنجي مسلسل جدوجهد سان هن ملڪ جي نه رڳو حفاظت ڪندا آيا آهيون پر ڏينهن رات ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ??ري رهيا آهيون. هن چيو ته شروع ڏينهن کان هن ملڪ کي مصيبتون درپيش رهيون پر اسان جي بهادر قوم جي جذبي جي اڳيان سمورين مصيبتن گوڏا کوڙي ڇڏيا پر اها به مڃيل حقيقت آهي ته سماجي ۽ معاشي برابري، قانون جي حڪمراني ۽ برابري تي ٻڌل جنهن ملڪ جو خواب اسان جي ابن ڏاڏن ڏٺو هو اسان ان کي اڃا تائين پوري طرح تعبير ناهيون ??ري سگهيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون جنهن جي لاءِ اسان خدا تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي، پر حقيقي آزادي ضرورتن، بک ۽ پسماندگي سان کان آزادي جو نالو آهي، جيستائين اسان معاشي طور تي هڪ خودمختيار رياست نه ٿا بڻجون تيستائين مڪمل آزادي جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ کان محروم رهندو. هن چيو ته ڪنهن به قوم جي لاءِ اندروني خلفشار، گڏيل ورڇ ۽ انتشار کان وڌيڪ ڪا شيءَ خطرناڪ نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته اهڙا منفي اثر نه رڳو ملي وحدت ۽ ق??مي سلامتي کي نقصان پهچائين ٿا پر معاشري کي ان جي مقصد کان محروم ??ري ڇڏين ٿا، قائداعظم کي انهن عملن جي چڱي ريت ??اڻ هئي، انهي لاءِ هن اسان کي انهن جي خاتمي لاءِ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو سبق پڙهايو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو، خاص طور تي باصلاحيت نوجوان آهن، انهن جي لڳاءُ، همت ۽ تعميري توانائين سان ڀرپور جذبو ڪنهن به قسم جي مشڪل کي عبور ??ري اميد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسان گڏيل ورڇ جي شرپسند طاغوتي قوتن کي گڏيل وحدت ۽ گڏيل اتفاق سان ڪچلي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ ق??مي سڃاڻپ جي حفاظت ڪندا رهنداسين، مون کي پنهنجي قوم ۽ ان جي غيور نوجوانن جي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي ته اهي يقينن اسان جي ملڪ جي ٻيڙيءَ کي ان وقتي منجهدار مان تمام جلد ڪڍندا. وزيراعظم چيو ته 75 هون جشن آزادي ملهائڻ وقت اسان کي پاڪستان جي معمارن جي نظرين مان رهنمائي وٺندي نئين سر ق??مي تعمير جي لاءِ ماڻهن جي ڀلائي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائڻو پوندو، اچو گڏجي وچن ڪريون ته اسان پاڪستان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي نظرين جي عين موجب هڪ فلاحي رياست بڻائينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 75 هين جشن آزادي جي تاريخي ڏينهن جي موقعي تي آئون پوري قوم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان پائنده آباد.