اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن ج?? اهتمام هيٺ جشن آزادي عورتون نيٽ بال نمائش ميچ ايليٽ اڪيڊمي ۽ پي اين ايف اڪيڊمي جي وچ ۾ 14 آگسٽ تي پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ جو خاص مهمان پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جو صدر مدثر آرائين هوندو. پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل سيد گوهر ر??ا ??ڌا??و ته سڀئي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ ميچ جي پڄاڻي تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ راند??گن ۾ انعام ورهايا ويندا.