فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چي??رمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته اسان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي خلاف ڀ??رت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير مسئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪشمير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪ??ي رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.