اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي نوجوان پاڪستاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت ??اث?? قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاڪستاني جبل چاڙهو ج?? صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني جبل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف پاڪستان (اي سي پي) جي ??در ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. ??در پاڪستان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي راند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام ??ان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.