ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، ب??وچ??تان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪن??و، وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪن??و ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪن??و. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪن??و، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقا?? ۽ ??يڊيا سان ڳالهائيندو.