اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، يوم تڪبير پا??ستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پا??ستان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پا??ستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پا??ستان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پا??ستان جي دفاع ک?? فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪبير جو ڏهاڙو پا??ستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پا??ستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پا?? فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪري پا??ستان کي هڪ ??يٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پا??ستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.