اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته شيخ خليفه ب?? زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ?? برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات وار?? وفاقي وزير دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه ب?? زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.