اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيندي زر??عت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زر??عت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقص?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.