اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??را?? خان توشه خاني مان تحفا گهٽ قيمت تي خريد ڪري چنئوڻ تي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيا، ع??را?? خان جي آمدني ۾ توشه خاني سان جيترو اضافو ٿيو آهي، ايترو هن پوري زندگي ۾ ناهي ڪمايو، ع??را?? خان جي 41 سالن جي ڊڪليئرڊ آمدني هڪ طرف ۽ توشه خاني مان حاصل ڪيل تحفن مان آمدني هڪ طرف، وزارت عظميٰ جي عهدي تي اچڻ کانپوءِ پهرين ٻن مهينن دوران هن توشه خاني مان 85 ملين رپيا ڪمايا ۽ چار سالن ۾ 58 تحفا پاڻ وٽ رکيا جن جي ماليت 142 ملين بڻجي ٿي، ع??را?? خان ٽي شيون ٽن ڪروڙن ۾ خريد ڪيون، ان وٽ اهو پئسو ڪٿان آيو، کيس ان جي مني ٽريل ڏيڻي پوندي ڇو ته پهرين سال ته ع??را?? خان جي آمدني ئي نه هئي ته هو ٽي ڪروڙ جون شيون خريد ڪري سگهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چ??و ته پاڪستان جي معيشت تباهه ڪندڙ معاشي دهشتگردن پنهنجي دور ۾ اقتصادي انگن اکرن تي به ڪوڙ ڳالهايو، اهي ڪوڙا آهن، انهن جو مقصد ئي ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. هن چ??و ته هي ملڪ ۾ مهانگائي، قرضن، بيروزگاري سميت پرڏيهي پاليسي جي تباهي جا ذميوار آهن. مريم اورنگزيب چ??و ته ع??را?? خان توشه خاني مان 20 سيڪڙو قيمت تي تحفا خريد ڪيا ۽ چنئوڻ تي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيا، 50 سيڪڙو جو نئون حڪمنامو ان کانپوءِ جاري ٿيو. هن چ??و ته منهنجو تحفو منهنجي مرضي نه آهي، اهو تحفو پاڪستان رياست جو آهي. هن چ??و ته اڳوڻي وزيراعظم ع??را?? خان ڪفلنگ، مُنڊي ۽ گهڙيءَ ٽي ڪروڙ ۾ خريد ڪئي، ڪفلنگ ۽ مُنڊي هن 14 ڪروڙ ۾ جڏهن ته گهڙيءَ 18 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي. هن چ??و ته تحفو ان جو نه آهي پر وزيراعظم جي نالي جو هو جنهن کي وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چ??و ته ع??را?? خان جي آمدني ۾ توشه خاني سان جيترو اضافو ٿيو آهي، ايترو هن پوري زندگي ۾ ناهي ڪمايو، ع??را?? خان پوري زندگي ڪاروبار جي ذريعي 141 ملين رپين جي ڪمائي ڊڪليئرڊ ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جي عهدي تي اچڻ کانپوءِ پهرين ٻن مهينن جي دوران هن توشه خاني مان 85 ملين رپيا حاصل ڪيا جڏهن ته پنهنجي چئن سالن دوران توشه خاني مان 58 تحفا هن پاڻ وٽ رکيا جن جي ماليت 142 ملين بڻجي ٿي. مريم اورنگزيب چ??و ته ع??را?? خان ٽي شيون ٽن ڪروڙن ۾ خريد ڪيون، ان وٽ اهو پئسو ڪٿان آيو، ان جي مني ٽريل ڏئي ڇڏي ڇو ته پهرين سال ته ان جي آمدني ئي ايتري ئي نه هئي جو هو ٽي ڪروڙ جون شيون خريد ڪري سگهي، ع??را?? خان کي رسيدون ڏيڻيون پونديون. هن چ??و ته ع??را?? خان جي گهرواريءَ جي ايف بي آر ۾ ٽيڪس ريٽرن جي داخلا 2018ع تائين آهي، ان ۾ ان جو نالو ع??را?? خان جي نالي سان گڏ نه آهي، ايف بي آر ريٽرنز ۾ ان جو پراڻو نالو آهي. اليڪشن ڪميشن م فارن فنڊنگ ڪيس جو ذڪر ڪندي هن چ??و ته اڪبر ايس بابر تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ تي اعتراض اٿاريا هئا. تحريڪ انصاف وارن کان سوال پڇو ته اهي جواب ۾ گاريون ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن جي فارن فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان قائم ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارٽي فنڊنگ تي ڪو اعتراض نه لڳايو، جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا جيترا اڪائونٽس ڊڪليئرڊ آهن اهي ٺيڪ آهن، اهي ان تي ڪو اعتراض نه لڳائي سگهيا. هن چ??و ته اسٽيٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جي ان ڊڪليئرڊ اڪائونٽس جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏنا آهن، اڄ تائين مسلم ليگ (ن) جي فنڊنگ تي ڪو خط ناهي موڪليو ويو. هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي ادارن جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي، ان مقصد جي لاءِ روبوٽڪ ٽوئيٽس ۽ سافٽ ويئرز کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، پي ٽي اي کي انهن روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادارن جي خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ تي فوري ايڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته پاڪ فوج، عدليه، رياست پاڪستان جي خلاف مهم جي اجازت نه ڏني ويندي، ان تي زيرو ٽالرنس آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ع??را?? خان پنهنجي ناقص ڪارڪردگي، ڪشمير فروشي، مهانگائي، فارن فنڊنگ پاليسي کي تباهه ڪرڻ، پاڪستان جي عوام کي بکيو ڪرڻ جواب ڏي. ع??را?? خان مهانگائي جي شرح 3.9 سيڪڙو مان 12 سيڪڙو تائين وڌائڻ، 2018ع کانپوءِ 43 هزار ارب قرضن ۾ اضافو ڪرڻ جو حساب ڏي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ جي دور م 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ ويا، 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، اڄ اهي پنهنجي نااهلي، پنهنجي ڪوڙ، پنهنجي منافقت ۽ ڦرلٽ کي لڪائڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته سائفر به انهن پاڻ لکرايو، تمام جلد عوام جي آڏو انهن جا تفصيل رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ع??را?? خان جي حڪومت جي دور ۾ ڪارٽلز ۽ مافياز کي فائدا ڏنا ويا. هن چ??و ته جتي جتي اختيارن جو ناجائز استعمال ٿيو آهي ان تي ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته ع??را?? خان وٽ هاڻي مهم جوئي جي لاءِ رڳو روبوٽس ئي رهجي ويا آهن. اختر مينگل جي حوالي سان سوال تي هن چ??و ته اختر مينگل سان معاملا حل ٿي ويا آهن، تمام جلد هو ڪابينا جو حصو هوندو. هن چ??و ته اڳوڻو وزيراعظم ع??را?? خان هاڻي هڪ ٻيو خط لهرائڻ وارو آهي جنهن ۾ هو چوندو ته اليڪشن ڪميشن ۾ سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي.