اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اسان جي سياست جو بنياد جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئي ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??يو?? چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري شجاعت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي سدائين عزت ڏني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿ?? ته ان جلسي کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.