اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع تائين ملڪ مان ٽي بي جي خاتمي جو هدف پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ٽي بي جي مرض جي وقت سر تشخيص سا?? علاج ممڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ميڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور سا?? ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عالمي ادارن جي نمائندن، پارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج موجود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي جنهن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته افغانستان ۾ به پوليو تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چي?? ته عالمي ادارن ٽي بي جي خاتمي لاءِ وڏو تعاون ڪيو، صحت ڪارڊ غريبن جي لاءِ وڏي نعمت آهي. صدر چي?? ته چين ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سا?? ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، اميد آهي ايندڙ سا??ن ۾ ٽي بي جي مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي حوالي سا?? آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ادارا ڪوششن ۾ تعاون ڪ??ي رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ميڊيا بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ ڀرپور سا?? ڏنو آهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو جنهن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي جلد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چي?? ته ٽي بي بابت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ شهرين تائين پڻ پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي، ان سا?? وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽي بي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. هن چي?? ته ماڻهن کي ٽي بي جي مريضن جي ذريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ۾ گذريل ??ال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سا??هون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سا?? ٽي بي جي مريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چي?? ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري محمد بشير کيتران، اداڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو. صدر تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.