اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ فيڪ نيوز جو حصو نه بڻجن، اليڪ??ن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن جي پڙتال ڪري رهي آهي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ٿي رهي آهي، هن چيو ته ??سا?? جي ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائ??نٽ اهڙا آهن جيڪي اليڪ??ن ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ اليڪ??ن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائ??نٽ لڪايا، پيپلزپارٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپارٽي جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، جيڪو غير قانوني آهي.