لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته مريم نواز خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي، نواز ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، ا??ان کي پنج ??ان ۾ انهن جو ورتل 55 ارب قرض واپس ڪرڻو آ??ي، زرداري جڏهن عدالت ويندو آ??ي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آ??ي، ضمانت ملڻ بعد هو پنهنجي قد کان وڏيو?? ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آ??ي، آصف زرداري پيپلزپارٽي جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون صرف ميڊيا جي سهاري زنده آهن، پاڪستان ج?? عمومي معيشت ترقي طرف گامزن آهي. هتي ميڊيا ??ان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي اليڪشن نه قوم کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ منگلا ۽ تريبيلا ڊيمن کانسواءِ ڪنهن ٻي وڏي ڊيم جي تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، ا??ان ڊيمن جي تعمير تي ڪم شروع ڪيو، ڊيمن جي تعمير ??ان پاڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻه لک ڪمپنيون موجود آهن، هڪ لک 57 هزار ڪمپنيون صرف گذريل اڍائي سالن ۾ ٺهيون. وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي تي ا??ان فوڪس رکيو، ا??ان جي پنج وڏن فصلن جي بمپر پيداوار ٿي، چانور، ڪڻڪ، مڪئي جي تاريخي پيداوار ٿي، ڪپهه جي پيداوار ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته زرعي شعبي ۾ 1100 ارب روپيا اضافي ويا، پاڪستان ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن، زرعي دوائن جو رڪارڊ وڪرو ٿي رهيو آ??ي، وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي، نواز شريف ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن جا ورتل قرض ا??ان واپس ڪري رهيا آهيون، چوڌري فواد حسين چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ صفايو ٿي ويو آ??ي، مريم نواز کي پنهنجي ڪارڪنن وٽ وڃي کين حوصلو ڏيڻ گهربو هو پر هو خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي. هن چيو ته ا??ان جو مقابلو سياسي ڄامڙن ??ان آهي، جڏهن زرداري کي عدالت وڃڻو هوندو آ??ي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آ??ي ۽ معذورن جي گاڏين تي اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيندو آ??ي ۽ ج??هن کيس ضمانت ملندي آهي ته هو پنهنجي قد کان وڏيو?? ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آ??ي. زرداري پيپلزپارٽي جي اها حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون هاڻي ٽي وي چئنلز جي سهاري زنده آهن، انهن جي ڪوريج بند ٿي وڃي ته اهي فارغ ٿي ويندا، انهن جي سياست هاڻي مهانگائي تي پروپيگنڊا ڪرڻ رهجي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ٽيهه سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ آصف زرداري هاڻي سنڌ جي پلان لاءِ سوچي رهيو آ??ي، هن چيو ته اهي ماڻهو لاهور ۽ اسلام آباد جي چڪر ۾ لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جا به ناهن رهيا. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري کي پنهنجي باقي زندگي ٻاهرين ملڪ گذارڻي آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، اوورسيز پاڪستانين جو پنهنجي وطن لاءِ جذبو قابل تحسين آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آ??ي، پاڪستان ج?? عموعي معيشت ترقي طرف گامزن آهي.