اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي ??هي?? ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ايرو اسپيس سائنس ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ ستين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪانفرنس جو سيڪريٽري ??اڪ??ر نجم عباس نقوي، سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر چيو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ئي معلومات فراهم ٿيندي ??هي?? مواصلاتي سيارن جي ذريعي انسانن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي ??هي?? معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف اندوز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ??ي جي شعبي ۾ لکين ماڻهن جي ضرورت ??هي?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي اسان جي افرادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ??ي جي شعبي ۾ ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي شفافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر چيو ته نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ انساني هٻڪ محسوس ڪندو ??هي?? جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي ??هي?? هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽيڪنالاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? حڪومت خلائي تحقيق ۽ آءِ ??ي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر چيو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي رهي ??هي?? ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ضروت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ??ي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪانفرنس ۾ ش??ڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪندڙن کي اداري جي ارادن، مقصدن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته اداره خلائي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر ڪانفرنس جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.