اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار ه??ي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان ??ي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ ??ڪا??ڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج ??ي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، ??ضل الرحمان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل الرحمان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع ??ي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع ??ي اليڪشن ۾ ??ڪا??ڊ ووٽ مليا، 2023ع ??ي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل الرحمان آهي. وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.