رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي گهري، اسرندڙ ۽ گڏي?? مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل دوستي ۽ اخوت جي رشتن ۾ ٻڌل اها مضبوط حصيداري ٻنهي ملڪن جي قيادتن جي وچ ۾ سالن کا?? هلندي پئي اچي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن کا?? هيستائين خصوصي ٻنڌڻ قائم رهيو آهي. اسان جي سچي دل سان خواهش آهي ته افغان لاڳاپن کي گهري، وڌندڙ ۽ گڏي?? مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نئون پاڪستان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي لاءِ ويزن 2030ع جي بنيادي سماجي ۽ معاشي مقصدن ۾ انتهائي هڪ جهڙائي موجود آهي. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي نئون پاڪستان ويزن کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جيو پوليٽيڪس کا?? جيو اڪنامڪس طرف تبديلي تي يقين رکون ٿا. ٻيو اسان ملڪ جي ان??ر ۽ ٻاهر ام?? چاهيون ٿا ته جيئ?? اسان پنهنجي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي سگهون. ٽيو?? اسان ترقي رکندڙ حصيداري جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ واپار، معاشي رابطن ۽ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئ?? اسان جي خطي کي خوشهالي سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان کي معاشي سرگرمين جي مرڪز ۽ مثبت عالمي مفادن جي پرڪشش مقام طور پيش ڪريون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي سيڙپڪارن خاص طور تي سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان حاصل فائدن ۽ ثمرن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) وسيع تر پهچ ۽ خطن کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي جنهن ۾ واپاري رابطا ۽ ڍانچي جي ترقي، رستن جي نيٽ ورڪ، ريل ۽ فائبر آپٽڪ ڪيبل، توانائي پائپ لائينز ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو صنعتي جديديت، زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي تي ڌيان جو حامل آهي. خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ حڪومت خصوصي مراعتون ڏئي رهي آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو منافعو کڻي وڃڻ جي اجازت، ٽيڪس ۽ ڪسٽم کا?? ڇوٽ ۽ ڪيپيٽل سامان جي ام??ورٽ شامل آهي. گوادر بندرگاهه هوٽل، بئنڪنگ، انشورنس، فنانشنل ليزنگ، لاجسٽڪس، اوورسيز ويئر هائوس، خوراڪ ۽ تيل جي پراسيسنگ، مڇيءَ جي مصنوعات جي پراسيسنگ ۽ اليڪٽرانڪ شڊين جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿي. سعودي عرب جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نمايان ۽ ٺوس موقعا ۽ ترغيبات موجود آهن. پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل ثمر ملي سگهن ٿا. پاڪستانين سعودي عرب جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڏهاڪن کا?? خدمتن جي شعبي ۾ حصو وڌو آهي. هو سعودي ويزن 2030ع کي شرمنده تعبير ڪرڻ ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير ام??د ظاهر ڪئي ته سيڙپڪاري فورم، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ تيزي آڻيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ موجود ان هم آهنگي ۽ ويجهي حصيداري عمل کي وڌيڪ سگهه ملندي جيڪا ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ اڳ کا?? موجود آهي.