اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمر??ن خان سان ناڻي واري وفاقي وز??ر شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وز??راعظم عمر??ن خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وز??ر پاران وز??راعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.