اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀ گڏجي ان فتني جو خاتمو ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي خلاف جيڪو ??هر اوڳاڇيو پيو وڃي ان کي روڪڻو پوندو، پاڪستان جي خلاف جيڪي سازشون ڪيون پيون وڃن انهن ۾ ملوث عنصرن جي پوري طرح ڄاڻ آه??، جيڪي اهي سمجهن ٿا ته اسان جي جوانن جون قربانيون رائيگان وينديون اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آه??. پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ وفاقي وزيرن، آرمي چيف، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ اعليٰ عملدارن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آه??. وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ اسان جون ذميواريون ٻن سالن جي لاءِ آه??، پاڪستان ان حيثيت سان انٽرنيشنل ڊپلوميسي ۾ پنهنجي پوري صلاحيت سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر بڻجڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو سفارتي ڪردار بهتر طريقي سان نڀائيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته صوبن ۾ سي ٽي ڊي کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، پنجاب ان حوالي سان سڀني کان اڳتي آه??. هن چيو ته پوليس کي جديد تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ڪرڻو پوندو، ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻيون پونديون. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن دشمن ڪڌي مقصدن جي لاءِ گهات لڳائي ويٺل آه??، اهي قدم انتهائي اهم آه??. خيبرپختونخواهه ۾ خارجي گهُس ڀيٽيا ملڪ جي امن جا دشمن آه??. سرحد پار کان ڪجهه ڏينهن جيڪو ??ملو ٿيو ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آه??. بلوچستان ۾ پاڪستان جي خلاف مختلف قسم جون سازشيون ٺاهيون پيون وڃن، انهن ۾ ملوث خارجي هٿ جي پوري طرح سان ڄاڻ آه?? ته ڪٿان ڪٿان کان انهن کي مدد ۽ حمايت ملي رهي آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب تڏهن ئي پورو ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان سڀ گڏجي چئني صوبن، وفاق، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بنايون. هن چيو ته فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آه??، وفاق، صوبن ۽ دفاعي ادارن کي گڏجي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بطور وزيراعظم منهنجي ڪا پسند يا ناپسند نه آه??، قومي مفاد سڀني کان مٿانهون آه?? ۽ مون کي يقين آه?? ته سمورن شرڪت ڪندڙن جي اها ئي سوچ آه?? جيڪڏهن ان سوچ کي عملي جامعو پارايو وڃي ته ڪا مشڪل مشڪل نه رهندي. هن چيو ته ڊيجيٽل محاذ تي پاڪستان کان ٻاهر ويٺل دوست نما دشمن ۽ ايجنٽ جيڪو ??هر اوڳاڇي رهيا آه?? ۽ جهڙي طرح اهي پاڪستان جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آه?? اهو هڪ تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آه??، ڪوڙ ۽ حقيقتن کي مسخ ڪري پاڪستان جي خلاف ماحول ٺاهيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي گذريل ڏينهن ۾ جيڪا ڪاهه ڪئي وئي ان جي آڙ ۾ ڪوڙ جو طوفان ۽ حقيقتن کي ميساري جهڙي طرح جي پروپئگنڊه ڪئي وئي ان جو تازن وقتن ۾ مثال نه ٿو ملي، ان کي مُنهن نه ڏنو ويو ته سموريون ڪوششون رائيگان وينديون. هن چيو ته ان حوالي سان وفاق قدم کڻي رهيو آه??، صوبن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي دوران رينجرز جي شهيد جوانن جي حوالي سان ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج، ??وليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي لازوال قربانيون ڏئي رهيا آه?? اهي رائيگان نه وينديون. جيڪي ان کي ضايع ڪرڻ چاهين ٿا اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آه??. پاڪستان قربانين جي ڪري ئي قائم ۽ دائم رهندو. اسان گڏجي ان فتني جو خاتمو ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين.