اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي ان لاءِ تعليم تائين پهچ هر عورت جو شرعي ۽ معاشرتي حق آهي، اسان سڀني کي گڏجي عورتن کي ت??ليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ جن جن چئلينجز جو کين مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي دُور ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي ت??ليم، چئلينجن ۽ موقعن جي حوالي سان عالمن ۽ مشائخن جي مشاورتي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عورتون معاشري ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿيون، اهي مائرون، ڌيئرون، گهر واريون ۽ ڀينرون آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم عورتن لاءِ تعليم جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته هڪ تعليم يافته عورت نسلن جي نگهبان هوندي آهي، هڪ ماءُ طور هو پنهنجي ٻارن جي پهرين استاد هوندي آهي، هڪ تعليم يافته ماءُ پنهنجي ٻارن ۾ ??در?? اخلاقيات ۽ علم جي محبت پيدا ڪري ٿي، معاشري جي مستقبل جي معمارن جي جوڙجڪ ڪري ٿي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته نياڻين ۽ عورتن لاءِ علم حاصل ڪرڻ شريعت جي مقصد ۽ عوامي مفاد جي هڪ گهرج پڻ آهي، تعليم عورتن کي معاشرتي ت??قيءَ ۾ فعال طور حصو وجهڻ جي طاقت ڏئي ٿي. تعليم عورتن کي اقتصادي ت??قيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ، پنهنجي حقن جي وڪالت ڪرڻ ۽ـ فيصلا سازي جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. اس??ام?? تاريخ ۾ عورتن جون مثالون اسان لاءِ رو??نيءَ جو ڪِرڻو آهن. اسلام جي واضح رهنمائي باوجود ڪيترن ئي مسلم معاشرن ۾ عورتن جي ت??ليم کي ثقافتي رڪاوٽن ۽ اقتصادي مسئلن، عدم تحفظ جهڙن چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو، هي چئلينجز اسلام ۾ موجود ناهن پر هي سماجي رو??يتن ۽ مذهبي ت??ليم جي غلط تشريح جو نتيجو آهي، ضروري آهي ته عورتن جي ت??ليم جي راهه ۾ رڪاوٽن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت ۽ اجتماعي ڪوششن کي اختيار ڪيو وڃي. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتون، ديني عالم ۽ ڪميونٽيءَ جا اڳواڻ گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن جتي نياڻين جي ت??ليم جي حاصلات ۾ محفوظ ۽ معاونت محسوس ڪن، ان ۾ اسڪالرشپ ۽ مالي امداد فراهم ڪرڻ، محفوظ ۽ قابل رسائي اسڪولن جو قيام، عورتن جي ت??ليم تي اس??ام?? نقطهءِ نظر جي باري ۾ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي غلط فهمين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مذهبي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ شامل آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ رهون پيا جتي ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽولز تعليم لاءِ بي مثال ??وقعا فراهم ڪن ٿا. اِي لرننگ پليٽ فارمز، ڪميونٽي تي ٻَڌل منصوبا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نياڻين جي ت??ليم ۾ بهتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسان کي انهن ٽولر جو ڀرپور استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر نياڻي چاهي اها ڪنهن به سماجي ۽ اقتصادي پسِ منظر سان تعلق رکندي هجي معياري ت??ليم تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. عورتن جي ت??ليم صرف فرد جي ت??قيءَ جو معاملو ناهي پر هي هڪ خوشحال ۽ هم آهنگ معاشري جو بنياد آهي، اچو اسان عهد ڪريون ته مسلم معاشرن ۾ نياڻين کي ت??ليم ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اچو اسان غلط فهمين کي دُور ڪريون، رڪاوٽون ٽوڙيون ۽ هڪ رو??ن مستقبل لاءِ راهه هموار ڪريون، جتي هر عورت معاشرتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پنهنجو حصو وِجهي سگهي.