اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ رابطه عالم اسلامي(ايم ڊبليو ايل) نياڻين جي تعليم لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي قيام لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان منعقد ٻن ڏينه?? واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن دوران ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حسين ابراهيم طه ۽ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به موجود هئ??.