اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميراتي ڪ??پن?? اوورسيز ر??ري??نٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي س??ن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني. گورنر ڪ??پن?? جي ڪم کي س??راهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪ??پن?? کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آهي جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي س??ن مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ??ندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي س??ن سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي.