لاهور _ 26 ڊسمبر (اي پي پي ) لاهور ها??ِ ڪورٽ ??ي جسٽس علي باقر نجفي ها??ِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي. لاهور ها??ِ ڪورٽ ??ي جسٽس عابد عزيز شيخ وقتي چيف جسٽس علي باقر نجفي کان سندس عهدي جو حلف کڻايو. حلف برادري تقريب لاهور ها??ِ ڪورٽ ??ي ججز لائونج ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس علي ضيا باجوه، جسٽس وحيد خان، جسٽس طارق نديم، جسٽس عاصم حفيظ ، جسٽس شمس محمود مرزا ، جسٽس شهباز رضوي، جسٽس شاهد ڪريم، جسٽس عابد چٺه ۽ پرنسپل سيٽ تي ٻين ججن، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرحاد علي شاهه سميت ٻين لا آفيسرن کان علاوه اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي صدر بار احسن بون پڻ شرڪت ڪئي. واضع رهي ته لاهور ها??ِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عاليه نيلم اربع کان 2 جنوري تائين نجي دوري تي پرڏيهه ويل آهي سندس غير موجودگي ۾ لاهور ها??ِ ڪورٽ ??ي جسٽس علي باقر نجفي لاهور ها??ِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو فرض انجام ڏيندو.