اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ا??ليتن جي ??قن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اس??ن جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪست??ن جا قابل فخر برابر شهري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي، تحريڪ پاڪستان ۽ ان کانپوءِ اڄ تائي?? تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ مسيحي برادري جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي ??صوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌايو، مسيحي ٻارن ڪرسمس جا نغما پيش ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ??طاب ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو جنهن جو قرآن پاڪ ۾ واضح ذڪر آهي ۽ هو الله جو پيغمبر آهي، اڄ بدقسمتي سان حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري جڳهه تي معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي، اسان کي هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا ۾ جتي به عيسائي رهن ٿا گڏجي فلسطين ۾ ان رت جي هوليءَ کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ امن جو داعي هو، سندس مشن جي فروغ جي لاءِ فلسطين ۾ جنگبندي وقت جي ??رورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي آهي، انهن جون پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ تڪميل پاڪستان ۾ اڄ تائين نمايان خدمتون آهن، تعليم ۽ صحت جي ميدان، سرڪاري ۽ ملڪ جي ??فاع جي لاءِ سندن خدمتن، 1965ع ۽ 1971ع جي ??نگ سميت پاڪست??ن جي لاءِ انهن جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي گڏجي ??من، ترقي جي ??فر کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪرڻو آهي، فرق جو خاتمو ڪرڻو آهي، پنهنجي پنهنجي ??ذبن کي ضابطي ۾ رکي برداشت ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو آهي، اقليتن جي ??قن جو خيال رکڻ جو عزم ڪرڻو آهي، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻو آهي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي پاڪست??ن جو باوقار شهري سمجهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پاڪست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ان پيغام کي هر جڳهه ڦهلائڻ گهرجي ??ه پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي قائد جي پاڪستان کي عظيم تر بڻائڻو آهي. هن چيو ته اڄ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ پيدائش جو ڏهاڙو آهي، ??ن جي ڪري به ا?? ڏينهن جي ??هميت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته باباءِ قوم جو اقليتن جي ??والي سان اهو بيان اس??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي ته ا??ليتن جي ??قن جو تحفظ ۽ فروغ اس??ن جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪست??ن جا برابر قابل فخر شهري آهن، انهن جي ڀلائي ۽ ترقي اس??ن جي ايجنڊا جو بنيادي نقطو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي يقين ڏياريو ته توه??ن جو تحفظ ڀلائي، خوشحالي ۽ ترقي اس??ن جي ذميواري آهي ۽ اسان اها ذميواري ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا رهنداسين. هن ان موقعي تي ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪرسمس جو ڪي?? پڻ ڪاٽيو ۽ ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.