اسلام اباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري ??فاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حڪومت- پي ٽي آءِ باضابطه ڳالهين جي اڃا باقائده شروعات ناهي ٿي، ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ طرفان سنجيده ڪوشش يا عمل جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس دوران شير افضل مروت جي اعتراض واري ??ُقطي تي ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چ??و ته ان ايوان ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه خوشگوار تبديلي آهي. هن چ??و ته امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري ??ئي، اتي جي حڪومت ڪنهن ٻئي مسئلي ۾ اُلجهيل هئي، ان کي پارا چنار نه اسلام آباد نظر اچ?? رهيو هو، پهرين ذميداري آئيني، ان کانپوءِ سياسي وابستگيون اچ?? ٿيون، انهن کي درخواست آهي ته هو صوبي ۾ امن امان تي به توجهه ڏين. هن چ??و ته محبتون پيار سان وڌنديون آهن، ڌمڪين سان نه، ڪنهن به زبان يا لهجي ۾ ڳالهه ٿيندي ته ناراضگيءَ کي دعوت ڏيندي. ان ايوان 2018ع کان اڄ تائين ڪيتريون ئي ناراضگيون ڏٺيون آهن. ٻنهي پاسي ناراضگيون هونديون آهن. هن چ??و ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ باضابطه طور ڳالهين جي شروعات ناهي ٿي، مان ان بابت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان به سڌيءَ ريت تصديق ڪئي آهي. باضابطه ڳالهيون انهيءَ وقت شروع ٿي سگهن ٿيون جڏهن ان حوالي سان ٺوس عملي قدم کنيا وڃن. وفاقي وزير چ??و ته ايوان ۾ ڳالهه ڪئي وئي ته 12 فوتگين تي افسوس جو اظهار ناهي ڪيو ويو، مون کي 26 نومبر جي فوتگين جو صحيح انگ معلوم ناهي، اتي رينجرز، پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت هئڻ گهرجي ها. هن چ??و ته حڪمراني جڏهن ته پي ٽي آءِ جي هٿ ۾ هئي ته ان وقت اسان سان ڇا ٿيندو هو، اهو به مون کي ياد آهي اڄ جيل ۾ سهولتون گُهريون پيون وڃن، جيل ۾ مون کي صرف هڪ ڪمبل ڏنو ويو هو ۽ هڪ مصلو ڏنو ويو، ان مان 12 سخت ٿڌيون راتيون گذاريون . مون خلاف آرٽيڪل 6 لڳايو ويو، ماضيءَ کي هڪدم وِساري ??ٿو سگهجي. وفاقي وزير چ??و ته گن پوائنٽ، اسلام آباد تي حملي، سول نافرماني جو سڏ ڏيندڙن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. تضاد سان اڳتي نٿا وڌي سگهون، هاڻي سول نافرمانيءَ جو سڏ ڏنو ويو آهي. اهو ڪري ??ٺو، ان کانپوءِ ڳالهيون ڪنداسين. سياستدان معاملن جي حل لاءِ ڌمڪيون ناهن ڏيندا. هن چ??و ته تبديلي اهڙي اچڻ گهرجي جنهن سان سٺو ماحول جُڙي سگهي.