اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (ا?? سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاء?? مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ۾ ا?? سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ ا?? سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ ر??بطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ۾ ا?? سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا ??ظا?? کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جي?? اڪنامڪ صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظم ا?? سي او ڪلين انرج?? سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ ا?? سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.