اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ بنا ثبوت لاشن تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، سيڪيورٽي فورسز جي ??پريشن ۾ ڪو هٿيار استعمال نه ٿيو، جيڪڏهن ل??ش ڪريا آهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ پنهنجي ??حتجاج دوران سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، جديد هٿيارن سان ليس شرپسندن اسلام آباد تي حملو ڪيو. پي ٽي آءِ جي ??حتجاج جي ??والي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي ??رپسندن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، رينجرز ۽ پوليس جا جوان شهيد ٿيا، ان کانپوءِ مظلوميت جو پرچار ڪرڻ ۽ پنهنجي ??يگناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ لاشن جو سهارو وٺڻ انتهائي ڪڌو فعل آهي. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور پاڻ سان گڏ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ??ديد هٿيارن سان ليس سادي ڪپڙن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار گڏ آندا، انهن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ شيل فائر ڪندڙ گنز هيون، انهن پٿراءُ ڪيو، گليلن ۽ بلورن سان پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، انهن پاران لاشن جي ڳالهه ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. انهن بنا ثبوت ۽ دليل جي ??وشل ميڊيا تي پروپئگنڊه شروع ڪئي ۽ ڪوڙ ڳالهايو ته ل??ش ڪريا آهن، ماڻهو مئا آهن. ٿوري دير اڳ پولي ڪلينڪ انتظاميا پڻ بيان جاري ڪيو آهي ته هتي ڪو لاش ناهي آيو، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف وارا صبح کان پرچار ڪري رهيا هئا ته ل??ش ڪِريا آهن، هي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا لاشن جي ڳولا ۾ رهي ٿي، ڪو به ل??ش ڪِري ته چون ٿا ته اسان جا ماڻهو شهيد ڪيا ويا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هن گذريل رات ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين پوري ايريا جو چڪر لڳايو ۽ سڄي رات اتي موجود رهيو، نه گولين جا خول هئا نه ڪنهن قسم جي فائرنگ ٿي، نه انهن جي ماڻهن کي ڊائريڪٽ ٽارگيٽ ڪيو ويو، پوءِ به انهن راهه فرار اختيار ڪئي ۽ موقعي تان ڀڄي ويا، ان فرار جي جواز جي ??ور تي اها عُذر پيش ڪيو پيو وڃي ته اسان جي ماڻهن کي ماريو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي مان 37 افغان شهري گرفتار ٿيا، انهن سان گڏوگڏ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو دهشتگردي، چوري، ڦر سان تعلق آهي ۽ مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن. هن چيو ته لاشن جي ڳالهه ڪندڙ ثبوت پيش ڪن، ڪٿي آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪوڙو بي??ني?? ٺاهڻ ۾ اهي تمام گهڻو تيز آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۾ 150 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا، انهن جي ماڻهن کي هٿيار هلائيندي ڏٺو ويو آهي، اهي شيل فائر ڪري رهيا هئا، انهن ماڻهن بابت هي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بيلاروس جي ??در جي ??وري کي سبوتاز ڪرڻ چاهيندي هئي، هي چاهيندا هئا ته شهر جي ??من کي خراب ڪيو وڃي، معيشت ۽ پاڪستان کي نقصان پهچايو وڃي. هن چيو ته جيترو به تشدد ٿيو پي ٽي آءِ پاران ٿيو، انهن فورسز جي جوانن کي شهيد ڪيو، تشدد جي واقعن ۾ انهن جا ماڻهو ملوث ڏٺا ويا، جيڪي ماڻهو گرفتار آهن انهن کان جاچ ٿي رهي آهي، 37 افغان شهرين کان اسان 43 گنز برآمد ڪيون آهن، گرنيڊ، گنز، ڳوڙها آڻيندڙ گئس هلائيندڙ گنز، جديد هٿيار انهن وٽ هئا، اهي ان نيت سان آيا هئا ته امن خراب ڪرڻو ۽ حملو ڪرڻو آهي، ان کانپوءِ لاشن تي سياست ڪري چوڻ ته اسان جي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي ان لاءِ ڀڄي ويا آهن ته انهن جو منصوبو ۽ سياسي بي??ني?? ناڪام ٿي چڪو هو، انهن وٽ ڪو جواب نه هو، انهن وٽ ماڻهو نه هئا. هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ هي ڪو ڌرڻو يا احتجاج ڪنهن مدد کانسواءِ نه ڪري سگهيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي رت وهائڻ جي نيت سان آئي هئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اڄ کانپوءِ پڳ نه پائڻ گهرجي، هو پنهنجي گرفتاري جي ??وف کان ٻيو ڀيرو ڊي چوڪ تان پنهنجي ورڪرن کي بنا سامان جي ڇڏي فرار ٿيو، سياسي تحريڪون اهڙي طرح ناهن هلنديون، سياسي تحريڪن ۾ بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قومي نظريي سان اسان کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هي ماڻهو ناڪام ٿي چڪا آهن، انهن جو نظريو ناڪام ٿي چڪو آهي، انهن جي ??ياست ناڪام ٿي چڪي آهي، هي ماڻهو جُتين ۽ ڪپڙن تائين اتي ڇڏي ڀڄي ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته ل??ش ڪيرائڻ جو الزام انهن کي ثابت ڪرڻو پوندو، اسان انهن جي ??ي سي ٽي وي فوٽيج ڏيکاري، انهن بي??ني?? ٺاهيو ته رينجرز جا اهلڪار پنهنجي ??ي گاڏي جي ٽڪر سان شهيد ٿيا، اسان ايبٽ آباد مان همراهه پڪڙيو، سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته احتجاج دوران انهن جي ??ياسي قيادت ڪٿي هئي، عاطف خان، شهرام ترڪئي، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، حماد اظهر، شيخ وقاص ڪٿي هئا، انهن وٽ ماڻهو نه هئا، هي گرفتاري جي ڊپ کان ڀڄي ويا آهن ۽ الزام هڻي رهيا آهن ته ل??ش ڪِريا آهن. هن چيو ته ڪوڙ، مڪاري، منافقت ۽ تشدد جي ??ياست عوام رد ڪري ڇڏي آهي، اڳتي توهان قومي مفاد جي ??لاف اسلام آباد حملو ڪرڻ جي ??رئت نه ڪري سگهندا.