تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پ?? پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو ته سڀني کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي ڀليڪار چئون ٿا، هي هڪ واهه نه آهي پ?? پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي چئني صوبن کي ڳنڍڻ ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ معاشي خوشحالي جي رستي ??ي شهباز شريف ڪاربند آهي، سندس دل ۾ پاڪستان جو درد آهي ته هو ان جي لاءِ ڪجهه ڪري، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو خوشحالي جي خبر اچي رهي آهي، شهباز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ روزانو پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون خبرون ايندي??ن هيون پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ تيزي سان مٿي، ??اڻي واڌ هڪ انگ تي ??چي وئي آهي، ان سان پاڪستانين جي خريداري جي سگهه وڌي آهي، ??اڻهو خوش آهن ۽ ڪنهن احتجاج تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، انهن جو گذريل چئن سالن جي دور ڏوهاري غفلت جو دور هو، انهن جي ايجنڊا گهيراءُ جلاءُ آهي، ??نجاب جي عوام کي ان فتني کان ڪيئن تحفظ ڏيڻو آهي آئون ڄاڻان ٿي، ??اڪستان کي الله پاڪ ان فتني کان محفوظ رکي. هن چيو ته اڄ هر شيءَ ۾ بهتري جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ترقي اچي ٿي ته ان وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هوندي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ گهريلو عورت پاڪستان جي ڀائر دوست ملڪ تي ??ملو ڪيو آهي، اهو ملڪ پاڪستان جو محسن ملڪ آهي جيڪو سدائين پاڪستان جي مدد لاءِ آيو، ان بيان جي پ??ڪستان تي ??ثرن جو انهن کي اندازو نه آهي.