اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي جي ميزبانيءَ هيٺ پاڪستاني قانونسازن ۽ اسپين جي سينيٽ معاملن جي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سفارتي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي ترقي سميت ڪيترن ئي عالمي چئلينجز تي تع??ون جي گ??يل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار سفارتي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي پاڪستان ۾ اسپين جي سفير سميت هسپانوي پارلياماني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. هن اسپين ۾ هاڻوڪي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي روشني هسپانوي عوام سان گهري يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي اهڙيءَ طرح جي قدرتي آفتن سان پاڪستان پنهنجي تجربن جو ذڪر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني تع??ون وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ قدرتي آفتن خلاف تياري، امدادي انتظام ۽ بحالي جي ڪوششن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان هن ??شڪل وقت ۾ هسپانوي عوام سان يڪجهتيءَ طور گڏ بيٺل آهيون. اسان هن ??درتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حڪمت عمليءَ تي تع??ون ڪرڻ چاهيون ٿا. اجلاس ۾ پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي به زور ڀريو. هن اسپين سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي گ??يل قومن جهڙي گهڻ رُخي فورم ۾ گ??يل ڪوششن ذريعي، جتي ٻيئي ملڪ جٽادار ترقي، انساني حقن ۽ تڪرارن جي حل سميت گ??يل مقصدن جي ??ڪا??ت ڪن ٿا. هن چيو ته بهتر تع??ون ذريعي اسان موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ معاشي عدم استحڪام جهڙن اهم عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهون ٿا ۽ وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اقتصادي تع??ون کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن انساني امداد ۽ ترقياتي منصوبن ۾ گ??يل ڪوششن سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ جٽادار ترقي جي قدمن ۾ واڌ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ??يڪنالاجي، تجديد جوڳي توانائي ۽ صحت جهڙن عام شعبن ۾ گ??يل پارلياماني ڪميٽين ۽ تحقيقي تع??ون جي قيام جي به تجويز ڏني. ملاقات ۾ اسپين ۾ موجود پاڪستانين جي ساراهه جوڳين خدمتن تي به روشني وڌي وئي ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ عوامي رابطن جي ڪردار تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌُرين تعليمي ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا جي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته پاڪستانين ۽ـ هسپانوي جون ايندڙ نسلون گ??يل عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن. سينيٽر عرفان صديقي گهري تع??ون ۽ گ??يل احترام جي مستقبل جي اميد جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي اُڀرندڙ عالمي مسئلن جي جواب ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ باقاعدگيءَ سان سفارتي مشاورت جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان پارلياماني تع??ون اسان جي سفارتي ۽ معاشي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مان هڪ خوشحال ۽ تع??ون تي ٻَڌل م??تقبل جو منتظر آهيان. اجلاس ۾ اوپن ڊائلاگ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ جي گ??يل عزم جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر راڻا محمود الحسن، سيد علي ظفر، روبينه قائمخاني، محمد عبدالقادر ۽ سينيٽر لياقت خان ترڪئي ۽ـ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ملاقات کان پوءِ مانجهاندي جو اهتمام به ڪيو ويو.