باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته هندوڪش هماليه خطي کي درپيش چئلينجز پاڪستان، نيپال، ڀوٽان، ڀارت ۽ بنگلاديش سميت سمورن علائقائي ملڪن جي قومي سرحدن جي پار بنيادي ڍانچي، معيشتن ۽ ماحولياتي نظام کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو ۾ هندوڪش هماليه ريجن جي ملڪن جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطو جنهن کي اڪثر ”واٽر ٽاور آف ايشيا“ چيو وڃي ٿو، 1.3 ارب کان وڌيڪ ماڻهن جو گهر آهي جيڪو اٽڪل چوٿون حصو آبادي جي روزگار، پاڻي ۽ حياتياتي جيوت جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. وزي??اع??م جي موسمياتي معاون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هندوڪش هماليه خطي جا جابلو حصا قدرتي آفتن بشمول ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان وڏي پئماني تي سماجي ۽ اقتصادي نقصانن کان متاثر ٿين ٿا، هن خطي تازن سالن ۾ خطرناڪ تبديليون ڏٺيون آهن خاص طور تي ان جي گليشيئرز ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ اضافي، ز??اع??، توانائي ۽ حياتياتي جيوت جي سلامتي کي خطرو آهي. رومينه خورشيد عالم اٽلي جي هڪ عالمي ريسرچ آرگنائيزيشن جي هڪ تازي تحقيق جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جيڪو ڪوهه هندوڪش، قراقرم ۽ هماليائي ??لسلن ۾ 13000 کان وڌيڪ گليشيئرز جو گهر آهي، انهن تبديلين جي منفي اثرن جو پاڻ تجربو ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ هندوڪش هماليه خطي جي ٻين علائقائي ملڪن ۾ گليشيئرز جي تيزي سان پگهرڻ سان نه رڳو پاڻي جي حفاظت خطري ۾ پئجي وئي ??هي پر قدرتي آفتن جهڙن گليشيئل ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلوف) ۽ زميني کاڄ جي خطرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. وزارتي تقريب دوران ڀوٽان، ڀارت ۽ نيپال جي و??ير?? پڻ پاڪستاني وزي??اع??م جي موسمياتي تبديلين بابت معاون رومينه خورشيد عالم جي گڏيل علائقائي ماحولياتي خطرن خاص طور تي ڪمزور جابلو برادرين، انهن جي روزگار جي ذريعي ۽ ماحولياتي نظام کي متاثر ڪندڙ گڏيل ردعمل جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي و??ير?? جا ٿورا مڃيا ته هنن لکين ڪمزور ڪميونٽيز ۽ انفراسٽرڪچر جي زندگين ۽ روزگار جي تحفظ جي خاطر گڏيل ماحولياتي چئلينجن ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.