اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مظاهرين جي فوتگين وارين خبرن کي سي??يورٽي ذريعن سختيءَ سان رد ڪندي انهن کي ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سي??يورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڌُرين طرفان اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شيلنگ جي نتيجي ۾ مظاهرين جون فوتگيون ٿيون آهن جيڪو سراسر بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سي??يورٽي اهلڪارن طرفان ڪنهن به قسم جي هٿيار جو استعمال ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته ناڪامين کي لِڪائڻ ۽ عوام کي گ??راهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز احتجاج دوران قانون جي دائري ۾ رهندي آپريشن ڪيو. سي??يورٽي ذريعن عوام کي اپ??ل ڪئي آهي ته اهي سوشل ميڊيا تي ڦهلايل بي بنياد خبرن تي ڌي??ن نه ڏيڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ذريعن کان حاصل ٿيل ڄاڻ تي ڀروسو ڪن.