اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ، معاشي ترقي ??ي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، نوجوانن جي مثبت سر??رمين ۾ مشغوليت، صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان موجوده صورتحال، ان ۾ بهتري ??ي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير صوبي ۾ امن امان جي بحالي ??ي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشاري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سر??رمين طرف راغب ڪرڻ ??ي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ تيار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ دانش اسڪول جي قيام ۽ معياري تعليم جي فروغ جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي بحالي وفاق جي ترجيحن ۾ شامل آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام اسان جا ڀائر آهن، انهن جي ڀلائي وفاق جي اولين ترجيح آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ ثقافتي سر??رمين کي فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ ميڊيا حب بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. خيبرپختونخواهه جي گورنر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ٿيندڙ جدت ۽ مثبت تبديلين کي خوش آئنده قرار ڏنو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليمي ۽ ثقافتي سر??رمين جي فروغ بابت مختلف تجويزون پڻ بحث هيٺ آيون.