اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف 26 هين آئيني تر??يم جي منظوري کي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو انتهائي شاندار مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته 26هين آئيني تر??يم سان محلاتي سازشن جو عهد ختم ٿيو آهي ۽ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خ??اب پورو ٿي ويو، آئيني تر??يم جي ذريعي جمهوريت جي مٿان خطرا ختم ٿي ويا آهن، پارليامينٽ جي اندر اڳواڻن ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، آئيني تر??يم پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، ملڪ جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ هوندو، تر??يم سان لکين ماڻهن کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. قومي اسيمبلي مان 26هين آئيني تر??يم جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري کانپوءِ تر??يم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽين جي سربراهن جي سيٽن تي وڃي سندن ٿورا مڃڻ کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو اعليٰ مثال آهي. اڄ هڪ نئون سج اڀرندو ۽ نئين صبح ٿي آهي. ماضي ۾ محلاتي سازشن جي ذريعي چونڊيل وز??راعظمن کي گهر موڪلڻ جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويو آهي. ان آئيني تر??يم سان انصاف حاصل ڪرڻ آسان ۽ عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ۾ دير نه ٿيندي. وز??راعظم چيو ته اڄ 2006ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خ??اب تڪميل تي پهتو آهي، اڄ ڪنهن منحرف ميمبر ان تر??يم جي حق ۾ ووٽ ناهي وڌو، اسان تي طرح طرح جا الزام هنيا ويا، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ بالادست آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاناما جي نالي تي اقامي جي بنياد تي هڪ وز??راعظم کي نااهل قرار ڏنو ويو. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وز??راعظم نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالمالڪ بلوچ، اعجاز الحق، خالد مگسي، عبدالعليم خان سميت آئيني تر??يم جي حمايت ڪندڙ سمورن اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي تر??يم سان ملڪ جو مستقبل محفوظ ٿيندو. هن بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان جو بنياد رکيو. وز??راعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ان تر??يم جي لاءِ بي پناهه محنت ڪئي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ان تي پنهنجو موقف ڏنو. هن نائب وز??راعظم، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر کي پڻ مبارڪباد ڏني. وز??راعظم چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف به ان تر??يم ۾ شامل ٿئي ها ته سٺو هو. هن اسپيڪر ۽ سندس اسٽاف جا به ٿورا مڃيا. وز??راعظم سمورن قومي اسيمبلي جا ٿورا مڃيندي ان تر??يم کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.